پاڪستان ايئر فورس

پاڪستان ايئر فورس: پاڪستان ايئر فورس 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آئي. ورهاڱي وقت ڀارت طرفان پاڪستان جي رويل ايئر فورس کي تمام ٿورا ۽ غير معياري جنگي آلات فراهم ڪيا ويا ۽ ان وقت رويَل پاڪستان ايئر فورس وٽ صرف 16 ويڙهاڪ جهاز هئا. پاڪستاني ايئر فورس عملي پي. اي. ايف جي تاريخي شروعات کي محفوظ ڪيو. هن فوج جي واڌ ويجهه غير معمولي ڪوششن ۽ قربانين جو نتيجو آهي. شروعاتي دؤر ۾ مرامتي سهوليتن جي اڻ هوند، هدايتڪاريءَ جي کوٽ، مالي خساري جهڙن مسئلن هوندي به هن فوجي اداري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. هڪ وقت ۾ ايراضيءَ ۽ مالي وسيلن جي گهٽ هجڻ ڪري ايئر فورس کي ايئرڪرافٽ اڏائڻ لاءِ ڏکيايون پيش اچي رهيون هيون، ان ڪري آگسٽ 1951ع ۾ برٽش بلڊ اٽيڪرس جي تعاون سان پاڪستان ايئر فورس جيٽ ايج (Jet Age) واري دؤر ۾ داخل ٿيو. 1965ع جي جنگ دوران هوائي فوج تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ان ۾ ڀارت جا 110 ايئر ڪرافٽ تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪستان ايئرفورس جا صرف 16 جهاز تباهه ٿيا. پي. اي. ايف عملي پاڻ کان چار ڀيرا وڌيڪ انگ ۾ ڀارتي فوج کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ 1971ع واري جنگ ۾ ڀارت جا 130 جهاز تباهه ڪيا ويا. پاڪستان ايئر فورس وٽ فني توڙي رابطيڪاريءَ جو جديد نظام موجود آهي. سافٽويئر ڊيٽابيس تحت ڪنٽرول سنڀاليندڙ ايئرفورس مڪمل طور تي اليڪٽرانڪ نيٽ ورڪ تحت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان ايئر فورس وٽ 3000 اعليٰ تربيت يافته پائلٽ آهن. پي. اي. ايف جو هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ آهي. هن وقت تائين پاڪستان ايئر فورس، 1947ع کان وٺي پاڪ-ڀارت جنگي حالتن، 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ- ڀارت جنگين، 1967ع جي عرب- اسرائيل جنگي حالتن (ڇهن مهينن لاءِ)، 1973ع عرب- اسرائيل جنگ، 1988-1979ع سوويت- افغانستان جنگي حالتن کان سواءِ 1999ع ڪارگل وارين جنگي حالتن ۽ 2007ع کان قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي آئي آهي.پاڪستان ايئر فورس وٽ F-7P/PG، F-16A/B، JF-17، Mirage III، Mirage V جنگي جهاز موجود آهن. ان کان سواءِ Aloutte III، Mi-171 هيليڪاپٽر به موجود آهن. هن وقت پي. اي. ايف جا 10 ايئر بيس آهن: (1) مشاف ايئر بيس، سرگوڌا، (2) مسرور ايئر بيس، ڪراچي، (3) فيصل ايئر بيس (ڪراچي، (4) رفيق ايئر بيس شورڪوٽ، (5) پشاور ايئر بيس، (6) سامنگلي ايئر بيس، ڪوئيٽا، (7) ميانوالي ايئر بيس، (8) منهاس ايئر بيس ڪامرا، (9) چڪلالا ايئر بيس، راولپنڊي، (10) رسالپور ايئر بيس آهن، جتي شيلٽر، ڪنٽرول ٽاور، ورڪشاپ، ڊيپو وغيره موجود آهن.12 اپريل 2006ع تي پاڪستاني حڪومت آمريڪا کان 77 نوان ايف- 16 جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته بعد ۾ صرف 44 ايف- 16 جهاز خريد ڪرڻ ۽ ڪجهه ٻيا مثلاً يورو فائٽر- 2000 ۽ ڊيسالٽ رافيل وغيره به شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حڪومت چين کان 50 کن ’جي- 10‘ ويڙهاڪ جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جن مان ڪجهه اڃا خريد ڪرڻا آهن. هن وقت پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئرچيف مارشل رائو قمر سليمان آهي، جنهن 20 مارچ 2009ع تي اهي ذميواريون سنڀاليون. پاڪ فوج سان همقدم پاڪ فضائيه دشمنن جي هر حملي جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.


لفظ پاڪستان ايئر فورسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو